اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته معاشي طور تي ڪمزور طبقي کي ??ليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ايندڙ مالي سال ۾ اٽي، کنڊ، گيهه/کاڄرو تيل، دالين ۽ چانورن تي ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏني ويندي، سموريون لاڳاپيل وزارتون اهو يقيني بڻائينديون ته سبسڊي مستحق ۽ ڪمزور ماڻهن ??ائين پهچي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ??ربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وزير ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي سربراهه شازيه عطا مري سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ??اڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ان موقعي تي شازيه مري وزيراعظم کي ??ينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي جاري منصوبن تي اڳڀرائي کان آ??اه?? ڪيو، ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته معاشي طور تي ڪمزور طبقي کي ??ليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ايندڙ مالي سال ۾ اٽي، کنڊ، گيهه/کاڄرو تيل، دالين ۽ چانورن تي ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏني ويندي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته سموريون لاڳاپيل وزارتون اهو يقيني بڻائينديون ته سبسڊي مستحق ۽ ڪمزور ماڻهن ??ائين پهچي، وزيراعظم ٽارگيٽڊ سبسڊي لاءِ غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وزارت کي ناڻي واري وزارت ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت سان تعاون کانپوءِ جامع حڪمت عملي جوڙڻ جون هدا??تو?? به ڪيون.
معاشي طور تي ڪمزور طبقي کي رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي: شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ