بيجنگ – 12 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسي?? چيو آهي ته پاڪستا?? چين جي مدد سان سيمي ڪنڊيڪٽرز زون قائم ڪرڻ جي لاءِ هڪ اهم منصوبو تجويز ڪيو آهي جنهن ??و مقصد پاڪستان کي جديد اوزارن ۾ پاڻڀرو بڻائڻ ۽ ترقي جون نيون راهون کولڻ آهي. اها ڳالهه هن چائنا اڪنامڪ نيٽ کي پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي تازي چين جي دوري دوران هن ??يمي ڪنڊيڪٽرز انڊسٽري جي پاڪستان منتقلي بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. اها ٽيڪنالاجي نه رڳو پاڪستان پر چين جي لاءِ پڻ اهميت رکندڙ آهي. ه?? چيو ته اسان چاهيون ٿا ته چين جون ٽيڪنالاجي ڪمپنيون پاڪستان اچن ۽ پاڪستان کي سيمي ڪنڊيڪٽرز مينوفيڪچرنگ جو مرڪز بڻائين. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير جي حيثيت سان پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ۽ پنهنجي ان مدي دوران هن ??يمي ڪنڊيڪٽرز ٽيڪنالاجي جي لاءِ مفاهمت جي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون ۽ سيمي ڪنڊيڪٽرز مهارت ۾ پاڪستانين کي تربيت جي فراهمي جي لاءِ چين سان حصيداري پڻ ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان پاڪستان ۾ سيمي ڪنڊيڪٽرز ڊيزائننگ جي شروعات ڪرڻ چاهيون ٿا، مون کي اها ڳالهه ٻڌائيندي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي ته چيني سيڙپڪار پاڪستان سان گڏ ڪم ڪرڻ ۾ تمام گهڻي دلچسپي وٺي رهيا آهن. ه?? چيو ته ٽيڪنالاجي زون کي سيمي ڪنڊيڪٽرز زون ۾ تبديل ڪيو ويندو. چوڌري فواد حسي?? چيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو تمام وڏو شعبو آهي جنهن ۾ ٻئي ملڪ تعاون ڪري سگهن ٿا. ه?? چيو ته موبائيل فونز هاڻي پاڪستان ۾ تيار ٿي رهيا آهن پر اسان ان کان هڪ قدم اڳتي وڌندي پاڪستان ۾ موبائيل فونز جي مڪمل مينوفيڪچرنگ شروع ڪرڻ چاهيون ٿا. چوڌري فواد حسي?? چيو ته صحت جي شعبي ۾ اوزارن جي حوالي سان ٻطرفي تعاون ۾ اضافو ٿيو آهي. ه?? چيو ته ڪوويڊ 19 جي شروعات جي ڪجهه مهينن دوران اسان ان شعبي بابت هر شيءَ درآمد ڪري رهيا هئاسين پر هاڻي پاڪستان ان حوالي سان هڪ وڏو برآمد ڪندڙ ملڪ آهي. ه?? چيو ته اهو اهم سنگ ميل اسان مختصر عرصي ۾ حاصل ڪيو آهي ۽ هاڻي صحت جي شعبي ۾ تعاون جا وسيع امڪان موجود آهن. ه?? چيو ته پاڪستان وٽ هنرمند ليبر ۽ هڪ وڏي مارڪيٽ آهي، اسان کي اميد آهي ته چيني ٽيڪ ڪمپنيون ٽيڪنالاجي زون ۾ اسان جي مدد ڪنديون ۽ اهڙي طرح اسان انهن ??عبن ۾ ڪاميابي سان اڀري سگهنداسين. هن ??ميد ظاهر ڪئي ته وزيراعظم جي تازي چين جي دوري کانپوءِ ڪ??تريون ئي چيني ٽيڪنالاجي ڪمپنيون پاڪستان اينديون ڇو ته سيمي ڪنڊيڪٽر هر ٽيڪنالاجي جو بنيادي عنصر آهي جنهن ??ان مقامي مينوفيڪچرنگ مصنوعات ۾ ويليو ايڊيشن آڻڻ ۾ مدد ملندي. واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي تازي دوري دورا?? چين جي ناليواري ٽيڪنالاجي ڪمپنين جي اڳواڻن سان ملاقاتن ??و سلسلو جاري رکيو ۽ ٻنهي طرفن کان سافٽ ويئر ڊيولپمينٽ، انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي، طبي تشخيص ۽ ٻين لاڳاپيل شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.
پاڪستان چين جي مدد سان سيمي ڪنڊيڪٽرز زون قائم ڪرڻ لاءِ هڪ اهم منصوبو تجويز ڪيو آهي جنهن جو مقصد پاڪستان کي جديد اوزارن ۾ پاڻڀرو بڻائڻ ۽ ترقي جون نيون راهون کولڻ آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado