اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزي?? چوڌري فواد حسين سان ملائيشيا جي پرڏيهي وزير سيف الدين عبدالله پنهنجي وفد سان گڏ پارليامينٽ هائوس ۾ سندس چيمبر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران افعانستان جي صورتحال، ٻنهي م??ڪن جي و?? ۾ ??ختلف شعبن بشمول ميڊيا وفدن جي م??اسٽا سميت ڊرامي ۽ فلم جي شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته افغانستان جي صورتحال اهڙي طرح خراب ٿيندي رهي ته اتي تمام وڏو انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو، افغانستان جي وڏي آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهي آهي. هن چيو ته عالمي برادري کي افغانستان کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون ڪرڻيون پونديون، افغانستان جي مدد جي لاءِ دنيا کي اڳتي اچ??و پوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻنهي م??ڪن جي و?? ۾ ??يڊيا رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته فلم ۽ ڊرامي جي صنعت ۾ پڻ ٻئي م??ڪ هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستاني ڊرامن ٻين زبانن ۾ ترجمي سان گڏ پنهنجو هڪ مقام ٺاهيو آهي، اسان چاهيون ٿا ته پاڪستاني ڊرامن کي م??ائيشيا جي عوام کي پڻ پيش ڪيو وڃي. ان موقعي تي م??ائيشيا جي پرڏيهي وزير سيف الدين عبدالله افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام خاص طور تي افغان عوام جي مشڪل وقت ۾ مدد ڪرڻ تي پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان اسلامي م??ڪن جي تنظيم جو اهم ميمبر ۽ مسلمان امت ۾ اهم مقام رکي ٿو. هن چيو ته او آءِ سي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. ملائيشيا جي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان سان ميڊيا، فلم ۽ ڊراما انڊسٽري ۾ تعاون کي فروغ ڏينداسين. ملاقات ۾ اطلاعات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب پڻ موجود هو.
وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان ملائيشيا جي پرڏيهي وزير سيف الدين عبدالله جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ