اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شهباز ش??يف ۽ حمزه شهباز کي شگر ملز ڪيس ۾ 25 ارب رپين جي مني لانڊرنگ جي ڪيس ۾ 30 آڪٽوبر تائين ضمانت ملي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ان ڪيس ۾ انهن اڪائونٽس جا تفصيل ڏسي ??گهجن ٿا جيڪي رڳو انهن وڏن ڪرپشن ڪيسز مان رڳو هڪ ڪيس جا آه??. م??الف ڌر چاهي ٿي ته احتساب جو عمل ڇڏي اڳتي وڌيو وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ انهن شڪي اڪائونٽس جا تفصيل پڻ شيئر ڪيا جنهن ۾ شهباز ش??يف اينڊ فيملي جي ڪلرڪن ۽ چپڙاسين جي نالن تي ٺاهيو ويو شڪي اڪائونٽس مان 25 ارب رپيا منتقل ڪيا ويا.
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ