اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته طالبان سان اسان جي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي آهي، ڀارت پاڪستان جي خلاف مسلسل پروپئگنڊه ڪري رهيو آهي، ڀارتي ميڊيا هڪ وڊيو گيم ۾ ويڙهه ڏيکاري ا??و ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پنج شير حملن ۾ پاڪستان ڪارروائي ڪئي، بدقسمتي ??ان ڀارت جي اهڙن ڪڌن قدمن ۽ پروپئگنڊه سان عام ماڻهو متاثر ٿئي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بي بي سي ورلڊ سان ڳالهائيندي ڪيو. افغ??نس??ان ۾ نگران سيٽ اپ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته افغ??نس??ان ۾ نگران سيٽ اپ تي ??دعمل ڏيڻ وقت کان اڳ ٿيندو، اسان کي ڪجهه انتظار ڪرڻ گهرجي، هن وقت ان تي ڳالهه ڪرڻ مناسب نه آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ميڊيا جي ذريعي خبر پئي ته سي آءِ اي جو سربراهه ڪابل ۾ هو، ميڊيا جي رپورٽن مان ئي خبر پئي ته ترڪيءَ ۽ قطر جي انٽيليجنس جا سربراهه به ڪابل ۾ موجود هئا. جيڪڏهن اسان پنهنجو پرڏيهي وزير ڪابل موڪليون ها ته اتي ??تي ڪنهن سان ملاقات ڪري ها؟ اتي ڪو پرڏيهي وزير موجود نه آهي. هن چيو ته باضابطا حڪومت جي عدم موجودگي ۾ هڪ اهڙي فريم ورڪ جي ضرورت هوندي آهي جتي ٻئي ملڪ هڪ ٻئي کي درپيش مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪري سگهن. ڪابل ۾ باضابطا حڪومت جي عدم موجودگي ۾ انٽيليجنس ادارا اهڙو فريم ورڪ جوڙيندا آهن. هڪ سوال تي ??طلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان کي افغ??نس??ان سان سنگين مسئلا درپيش رهيا آهن جن ۾ داعش جي سگهه، پناهگيرن جي مسئلن ۽ ٽي ٽي پي جي افغ??نس??ان مان مائيگريشن شامل آهي. هن چيو ته طالبان سان اسان جي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي آهي، پاڪستان طالبان جي آمريڪا سان ڳالهين ۾ سهولت فراهم ڪئي. افغ??نس??ان ۾ غيرملڪي شهرين کي انخلا ۾ پاڪستان مدد فراهم ڪئي، اسان افغ??نس??ان ۾ ڦاٿل هزارين ماڻهن کي ڪڍيو، افغ??نس??ان مان غيرملڪي شهرين جي انخلا جي اسان جي ڪوششن کي پوري دنيا ساراهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 2007ع ۽ 2011ع ۾ اسان جيڪو چئي رهيا هئاسين اهو صحيح ثابت ٿيو. جيڪڏهن ان وقت اسان جي ڳالهه مڃي وڃي ها ته اڄ افغ??نس??ان ۾ صورتحال مختلف هجي ها. افغان جنگ ۾ اسان کي 80 هزار جانين جو نقصان کڻڻو پيو، اسان جو 150 ارب ڊالر جو معاشي نقصان ٿيو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چوڌري فواد حسين چيو ته ڀارت پاڪستان جي خلاف مسلسل پروپئگنڊه ڪري رهيو آهي، ڀارتي ميڊيا هڪ وڊيو گيم ۾ ويڙهه ڏيکاري ا??و ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پنج شير حملن ۾ پاڪستان ڪارروائي ڪئي. ڀارتي ميڊيا جي سمورن ٽاڪ شوز ۾ اها ڪهاڻي ٺاهي وئي، ان مان خبر پوي ٿي ته ڀارت ۾ مارڪيٽنگ ايجنسيُون ڪهڙي نموني ڪم ڪن ٿيون. هن چيو ته بدقسمتي ??ان ڀارت جي اهڙن ڪڌن قدمن ۽ پروپئگنڊائن سان عام ماڻهو متاثر ٿئي ٿو.
طالبان سان اسان جي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي آهي، ڀارت پاڪستان جي خلاف مسلسل پروپئگنڊه ڪري رهيو آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز