اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي عالمي حيثيت گڏيل قومن جي س??ام??ي ڪائونسل جي قراردادن ۾ تسليم ٿيل آهي، جنهن تي عملدرآمد ٿيڻ باقي آهي، سڀني ميمبر ملڪن جي گڏيل ذميداري آهي ته هو ڀارت کي پنهنجون عالمي ذميداريون پوريون ڪرڻ جو پابند بڻائين، پاڪستان عالمي برادري تي زور ڏئي ٿو ته ڀارت کي خطي ۾ عدم استحڪام جي لاءِ رياستي دهشتگردي جي استعمال کان روڪيو وڃي، جڏهن ته ڪشمير جي مسئلي کي گڏيل قومن جي س??ام??ي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موج?? پرامن طريقي سان حل ڪرڻ تي ??جبور ڪيو وڃي، پاڪستان ڪشميري عوام سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺل هوندو ۽ انهن جي جائز خودمختياري واري حق کي حاصل ٿيڻ تائين هر ممڪن حمايت جاري رکندو. يوم سياهه ڪشمير جي موقعي تي ??نهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اسان اهو ڏينهن ڀارت جي غيرقانوني قبضي جي مذمت ۽ ڪشميري عوام جي لاءِ پنهنجي نه ختم ٿيندڙ حمايت جي طور تي ??لهائي ره??ا آهيون.
ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي عالمي حيثيت تسليم ٿيل آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل