اسلام آباد – 02 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گهٽ آمدني وارن طبقن جي بنيادي ضرورتن جو خيال رکڻ رياست جي ذميواري آهي جيڪا موجوده حڪومت کنئي آهي، پناهگاهون ۽ لنگرخانا قائم ڪرڻ حڪومت پاران ڪمزور طبقي جي مدد جي عزم جو عملي اظهار آهي، ان سلسلي ۾ نجي شعبي ۽ سرندي وارن جي حڪومت سان حصيداري تحسين جوڳي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گهٽ آمدني واري طبقي کي رليف ڏيڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ