لاهور – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چ??و آهي ته مون پنهنجي قوم سان واعدو ڪ??و آهي ته جيترا به ڪرپٽ ماڻهو آهن انهن سڀني کي پڪڙڻو آهي، جيستائين ڪرپشن ختم نه ٿيندي ملڪ ڌٻڻ ??ان ٻاهر نه ٿو نڪري سگهي، اسان کي مشڪل دور مان نڪرڻو آهي، ڪرپشن جي نشاندهي ڪندڙن کي 20 سيڪڙو انعام ڏيڻ جي حوالي سان قانون ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ منظور ڪرايو ويندو. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته پنجاب جو وڏو وزير ايماندار ماڻهو ۽ تبديلي جو نالو آهي، پنجاب جي وڏن وزيرن مان عثمان بوزدار سڀ کان ڪامياب وڏو وزير هوندو، ??ثمان بوزدار پٺتي پيل علائقي سان تعلق رکي ٿو، هي پنهنجي علائقي جا مسئلا ڄاڻي ٿو، ??بديلي اها آهي ته اسان جو وڏو وزير علاج جي لاءِ ٻاهر نه ويندو، پنجاب جي وڏي وزير کي خبر آهي ته خراب پاڻي پيئڻ سان ڪيترا مسئلا پيدا ٿين ٿا، مون کي يقين آهي ته هي هڪ ايماندار شخص آهي ۽ آئون بي ??وف آهيان ته هي بدعنواني نه ڪندو، ??ڀ کان وڏي بجيٽ پنجاب جي آهي، پنجاب ۾ 10 سالن ۾ 8 هزار ارب رپيا خرچ ٿيا آهن، رڳو لاهور جي سالياني ترقياتي بجيٽ خيبرپختونخواهه کان ٽيڻ تي وڌيڪ آهي.
قوم سان واعدو ڪيو آهي ته ڪرپٽ ماڻهن کي پڪڙڻو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز