اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چي?? آهي ته اسان جي تاريخ ۾ 23 مارچ جهڙو ڪو به ڏينهن نه آهي ڇو ته ان ڏينهن اسان جي بزرگن فيصلو ڪيو هو ته غير ملڪي حڪمرانن ۽ متعصب اڪثريت جي غاصباڻي طرز عمل کي شڪست ڏئي پنهنجي قسمت جا مالڪ پاڻ بڻجون، اهڙن خيالن جو اظهار صدر جمعي ڏينهن هتي پريڊ گرائونڊ ۾ يوم پاڪستان جي موقعي تي من??قد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سوشلسٽ جمهوريه سريلنڪا جي صدر ميٿري پالاسري سينا، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، چيئرمين جوائنٽ چي?? آف آرمي ڪميٽي جنرل زبير ??حم??د حيات، آرمي چي?? جنرل قمر جاويد باجوه، ايئر چي?? مارشل مجاهد انور خان، نيول چي?? ظفر ??حم??د عباسي، دفاع وارو وزير انجنيئر خرم دستگير خان، مختلف ملڪن جا سفير، پارليامينٽ جا ميمبر، وفاقي وزير، مختلف ملڪن جي فوجي آفيسرن سميت عوام جو هڪ وڏو تعداد شرڪت ڪئي، صدر چي?? ته 23 مارچ 1940ع تي اسان جي بزرگن هڪ اهڙو جديد، مضبوط ۽ جمهوري ملڪ بڻائڻ جو عزم ڪيو هو جتي ڪير ڪنهن تي ظلم نه ڪري سگه?? ۽ ??ه ئي ڪنهن جو استحصال ڪيو وڃي، اسان ان خواب کي حقيقت بڻائڻ جي لاءِ جدوجهد ۾ قربانيون پيش ڪندڙ پنهنجي قائدين، بزرگن، شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. صدر چي?? ته اها شاندار پريڊ اسان جي خوابن جي هي هڪ حسين تعبير آهي، هن چي?? ته هن اهم ترين قومي ڏهاڙي جي موقعي تي اسان جا بهترين دوست به پريڊ سميت پاڪستان جي ڏهاڙي جي ٻين تقريبن ۾ شريڪ آهن ۽ ان مقصد جي لاءِ سريلنڪا جو صدر ميٿري پالاسري سينا به خصوصي طور تي پاڪستان آيو آهي جنهن تي سڄي پاڪستاني قوم سندس آجيان ڪري ٿي.
صدر پاران پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پريڊ گرائونڊ ۾ تقريب کي خطاب
مضمون کا ماخذ : números sorteados lotomania