ڪراچي – 15 مارچ (اي پي پي) صدر ممنون حسين اربع ڏينهن اسٽيٽ گيسٽ هائوس ڪراچي جي ديوار تي گهر شماري نمبر (1) لکي ڇهين قومي گهر ۽ آدمشماري جو باضابطه افتتاح ڪري ڇ??يو. گهر شماري جي افتتاح کان اڳ ڪمشنر آدمشماري ۽ شماريات واري وفاقي سيڪريٽري صدر ممنون حسين کي آدمشماري جي حوالي سان ڪيل انتظامن جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني. صدر آدمشماري جي باري ۾ انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته قومي ترقي لاءِ درست انگ اکر هجڻ ضروري آهن. هن چيو ته آدمشماري ملڪ جي ترقي لاءِ وڏي اهميت واري آهي جنهن سان مستقبل جي منصوبابندي ۾ مدد م??ي ٿي. صدر ممنون حسين آدمشماري جي حوالي سان کنيل قدمن ۽ لاڳاپيل عملي جي تربيت کي ساراهيو. صدر ان اميد جو اظهار ڪيو ??ه پوري ملڪ ۾ جاري ان اهم آدمشماري ۾ مختلف حڪومتي ادارن سان لاڳاپيل عملو پنهنجون ذميداريون سٺي طريقي سان نڀائيندو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد