اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته بنيادي ڍانچي، توانائي ۽ مواصلات جي اهم منصوبن تي ٻڌل پاڪ چين اقتصادي لنگهه پاڪستان کي علائقائي مينوفيڪچرنگ محور بڻائيندو ۽ اها سڌي سنئين پرڏيه?? سيڙپڪاري جي ل??ءِ تمام پرڪشش مارڪيٽ هوندي. هن اها ڳالهه ترڪيءَ جي ڪي او سي گورپ جي صدر فتح ڪمال ابيلي اولو سان ڳالهائيندي چئي جنهن پنهنجي وفد سان گڏ وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته سڌي سنئين پرڏيه?? سيڙپڪاري حاصل ڪرڻ جي ل??ءِ پاڪستان جي صورتحال لاڳيتو بهتر ٿي رهي آهي ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال ۾ بهتري سان گذريل ٽن سالن ۾ سڌي سنئين پرڏيه?? سيڙپڪاري جي ل??ءِ هڪ پرڪشش هنڌ طور پاڪستان جي پوزيشن ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا