سيئول-11 ڊسمبر (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا پوليس جي خاص جاچ ٽيم يونٽ چيو آهي ته هن صد?? يون س??ڪ يول جي آفيس تي ڇاپو هنيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب گذريل هفتي صد?? يون س??ڪ يول ملڪ ۾ مارشل لا لڳايو هو، جڏهن ته مخالف ڌر پاران مخالفت جي ڪجهه ڪلاڪن اندر مارشل لا ختم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو. پوليس موجب خاص جاچ ٽيم صدارتي آفيس، نيشنل پوليس ايجنسي، سيئول ميٽرو پوليٽن پوليس ايجنسي ۽ نيشنل اسيمبلي سيڪيورٽي سروس جي آفيس تي ڇاپو هنيو. مارشل لا لڳائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندڙ صد?? يون س??ڪ يول تي اڳ ئي پرڏيهه سفر تي پابندي لڳ??ئي وئي آهي. پوليس گذريل ڏينهن اختيارن جي غلط استعمال جي الزام ۾ اڳوڻي دفاع واري وزير ڪم يونگ هيون کي گرفتار ڪيو هو. خابرو اداري موجب ڪم يونگ هيون گرفتار جي ڪجهه ڪلاڪن کان اڳ آپگهات جي ڪوشش ڪئي. سيئول سينٽرل ڊسٽرڪٽ ڪورٽ جي ترجمان ٻڌايو ته دفاع واري وزير کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته ان ڳال??ه جو خدشو هو ته ثبوتن کي ضايع ڪري سگهي پيو. دفاع واري وزير پنهجي وڪيل ذريعي چيو آهي ته سموري صورتحال جي ذميوراي صرف ان تي آهي ۽ ماتحت ملازم سندس حڪمن تي عملدرآمد ڪري رهيا هئا. گرفتار ڪيل دفاع واري وزير، مارشل لا آپريشن جي انچارج ۽ اڳوڻي گهرو وزير تي پڻ سفري پابندي لڳ??ئي وئي آهي. ڪورين نيشنل پوليس ايجنسي جي ڪمشنر جنرل ۽ سيئول ميٽرو پوليٽين پوليس ايجنسي جي سربراهه کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي.
ڏکڻ ڪورين صدر جي آفيس تي پوليس جو ڇاپو، دفاع واري اڳوڻي وزير پاران آپگهات جي ڪوشش
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر