ماسڪو -01 نومبر (اي پي پي) روس ۾ برطانيه جي سفير ڊيبورا برونرٽ پنهنجي سف??رتي مشن جو مدو پورو ڪري ورتو آهي. روس جي خابرو اداري برطانوي سف??رتخاني طرفان جاري ڪيل بيان جي حوالي سان ٻڌايو ته سفير پنهنجي سف??رتي مشن جو مدو مڪمل ڪري ورتو آهي. روس جي عوام لاءِ پنهنجي ويڊيو خطاب ۾ هن چيو ته هو ۽ سندس ڪٽنب موجوده دور جي تلخ حقيقتن باوجود روس ۽ روس جي شهرين کي ياد ڪندو. هن اميد ظاهر ڪئي ??ه روس ۽ برطانيه وچ ۾ ناتا ضرور بحال ٿي ويندا. واضح رهي ته ڊيبورا برونرٽ جنوري 2020ع ۾ روس ۾ پنهنجيون سف??رتي ذميواريون شروع ڪيون هيون. آگسٽ 2023ع ۾ برطانوي پرڏيهي آفيس نيگل ڪاسو کي روس لاءِ نئون سفير مقرر ڪر?? جو اعلان ڪيو. امڪان آهي ته هو نومبر 2023ع ۾ عهدي جي چارج سنڀاليندو.
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔