مڪو شريف- 28 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي گهرو وزير ۽ سپريم حج ڪميٽي جي سربراهه شهزاده عبدالعزيز بن سعود بن نائف هلندڙ سال حج سيزن دوران سيڪيورٽي ۽ فوجي عملدارن جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. عرب نيوز موجب مڪي ۾ حج سيڪيورٽي ڪميٽي ۽ حج سيڪيورٽي فورسز جي اڳواڻن سان ملاقات دوران شهزاد عبدلعزيز چيو ته سيڪيورٽي پلان جا لاڳو ڪيل مرحلا ڪامياب رهيا آهن ۽ حج پانڌيئڙن کي مڪي تائين پهچڻ ۾ ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پيو آهي. هن وزارت جي سيڪيورٽي عملدارن ۽ نيشنل گارڊ و??ري وزارت، دفاع و??ري وزارت، جنرل انٽيليجنس پريذيڊنسي ۽ پريذيڊنسي آف اسٽيٽ سيڪيورٽي جي فوجي عملدارن جي ڪوششن ج?? واکاڻ ڪئي. هن چيو ته سيڪيورٽي جون ڪوششون ان وقت تائين ج??ري رهنديون جيستائين حج پانڌيئڙا آساني ۽ سڪون سان پن??نج??ن رسمون ادا ڪرڻ کانپوءِ پن??نج?? وطن واپس نٿا هليا وڃن. پبلڪ سيڪيورٽي جي ڊائريڪٽر ۽ حج سيڪيورٽي ڪميٽي جي سربراهه جنرل محمد البسامي حج سيڪيورٽي پلان جي نتيجن جي ب??ري ۾ رپورٽ پيش ڪندي چيو ته هن حج سيزن ۾ شرڪ?? ڪندڙ سمورن سيڪيورٽي ۽ عسڪري عملدار سيڪيورٽي پلان جي باقي مرحلن تي عملدرآمد لاءِ تيار آهن. اهڙي طرح حاجي سڳورن جي حفاظت ۽ سلامتي کي يقيني بڻايو ويندو.
حج سيزن دوران سيڪيورٽي ۽ فوجي عملدارن جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن: سعودي گهرو وزير
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ