صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران اڳوڻي گهرو وزير رحمان ملڪ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار


اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڳوڻي گهرو وزير رحمان ملڪ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر رحمان ملڪ جي لاڏاڻي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي سندس گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي. صدر مرحوم جي لاءِ مغفرت جي دعا، پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.

مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری

متعلقہ مضامین