اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفا??ي گادي واري شهر جي ترقياتي منصوبن ۾ معيار تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو، ترقياتي منصوبن کي ڊيڊ لائين ختم ٿيڻ کا?? اڳ مڪمل ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ اسلام آباد جي هائوسنگ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ??ي حوالي سان هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، وزيراعظم جي ناڻي واري خاص معاون طارق باجوه، ڪيپي??ل ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. ڪيپي??ل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي عملدارن ان حوالي سان وزيراعظم کي تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پرڏيهي پاڪستانين جي لاءِ وفا??ي گادي واري شهر جي ريئل اسٽيٽ جي شعبي ۾ اهڙيون هائوسنگ سوسائٽيز ۽ رهائشي عمارتون تعمير ڪيون وڃن جيڪي جديد سهولتن سان ليس هجن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته انهن هائوسنگ يونٽس جي تعمير ۾ تجربيڪار ۽ سٺي شهرت رکندڙ ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن، ڪيپي??ل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جا اهي منصوبا جن ۾ سيڙپڪاري ??ي حوالي سان صلاحيت آهي، جي مناسب مارڪيٽنگ ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته وفا??ي گادي واري شهر جي ترقياتي منصوبن ۾ معيار تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو. هن هدايت ڪئي ته ترقياتي منصوبن کي ڊيڊ لائين ختم ٿيڻ کا?? اڳ مڪمل ڪيو وڃي.
وفاقي گادي واري شهر جي ترقياتي منصوبن ۾ معيار تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں