لاهور – 12 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فاطمه جناح انسٽيٽيوٽ آف ڊينٽل سائنسز لاهور جو دورو ڪيو ۽ اسپتال ۾ جاري ت??مي??اتي ڪمن جو جائزو ورتو. ان ??وقعي تي پنجاب جو وڏو وزير چوڌري پرويز الاهي به ساڻس گڏ هو. صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد ۽ اسپتال جو پراجيڪٽ ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر وحيد، صدر ۽ پنجاب جي وڏي وزير جي آجيان ڪئي. ڊاڪٽر ياسمين راشد صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کي اسپتال ۾ جاري ت??مي??اتي ڪمن بابت بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ??ه ان ??راجيڪٽ جي لاءِ 100 ڪينالن تي ٻڌل ڊينٽل اسپتال جي لاءِ 2005ع ۾ زمين خريد ڪئي وئي. پراجيڪٽ ڊائريڪٽر پروفيسر وحيد ٻڌايو ??ه اسپتال جي ت??مي??اتي ڪمن جي شروعات 2010ع ۾ ٿي. هن ٻڌايو ??ه هن وقت ان ??راجيڪٽ جي لاڳت جو ڪاٿو 347.358 ملين لڳايو ويو هو، جڏهن ته 30 جون 2022ع تائين ان ??نصوبي تي 673.390 ملين خرچ ڪ??ا ويا آهن. پروفيسر ڊاڪٽر وحيد ٻڌايو ??ه ٿري ڊي اسپتال جديد اوزارن ۽ سهولتن سان ??يس هوندي ۽ ان کي تمام جلد مڪمل ڪيو ويندو. ان ??وقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??ه اسپتال ۾ جاري ت??مي??اتي ڪمن کي جلد مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن عوام ان جديد ٿري ڊي اسپتال جي سهولتن مان ??ائدو کڻي سگهي.
صدر پاران فاطمه جناح انسٽيٽيوٽ آف ڊينٽل سائنسز لاهور جو دورو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر