اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تر??ي جي صحت واري وزير ڊاڪٽر فرحتين گوجا انقره ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ صحت جي شعبي ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ تر??ي ۾ صحت جي نظام کي تبديل ڪرڻ تي صدر رجب طيب اردوان کي ساراهيندي تر??ي پاران پاڪستان ۾ صحت جي شعبي خاص طور تي صحت جي خدمتن، دوائون ٺاهڻ، ڊجيٽل صحت ۽ تربيت ۽ طبي پيشيوراڻي ماڻهن جي صلاحيت ۾ اضافي لاءِ کنيل گڏيل قدمن جو ذڪر ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف 2005ع جي زلزلي ۽ 2010ع جي ٻوڏ دوران تر??ي جي مخلصاڻي مدد جي واکاڻ ڪئي، هن پاڪستان ۾ خطرناڪ ٻوڏ کانپوءِ مظفرڳڙهه ۾ رجب طيب اردوان اسپتال جي قيام کي خاص طور تي ساراهيو. وزيراعظم تر??ي پاران ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ جي واکاڻ جوڳن قدمن تي تر??ي کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن کي وبائي مرض?? سبب پيدا ٿيندڙ صحت ۽ معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ، ويڪسين جي تياري ۾ تعاون کي جاري رکڻ گهرجي. وزيراعظم محمد شهباز شريف صحت بابت ??رڪي – پاڪستان جوائنٽ ور??نگ گروپ کي ٻطرفي صحت تعاون جي مختلف رخن تي جامع ڳالهه ٻولهه ڪرڻ سان گڏوگڏ پيٿالوجي ??يب?? جي قيام، پاڪستان ڪڊني ليور انسٽيٽيوٽ جي بهتر ڪم ۽ آٽو موبائيل ايمبولينسز سميت مختلف قدمن تي عمل ٿيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. تر??ي جي صحت واري وزير طبي اوزارن ۽ دواسازي جي تياري، صحت جي سياحت ۽ معيار جي ضابطي سميت صحت جي شعبي جي مختلف رخن ۾ تعاون وڌائڻ جي امڪانن کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته تر??ي جي صحت واري وزارت جي هڪ ٽيم ويجهي مستقبل ۾ پاڪستان جو دورو ڪندي. تر??ي جي صحت واري وزير چيو ته هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ پاڪستان ۾ ”پاڪ ميڊيڪا ايڪسپو اينڊ بزنس فورم“ جو انعقاد ڪيو ويندو، ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته صحت جي گڏيل ور??نگ گروپ جي ذريعي متفقه شعبن ۾ تعاون کي جاري رکيو ويندو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ترڪي جي صحت واري وزير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada