اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته شهباز شريف مني لانڊرنگ ??يس ۾ هيستائين 9 ڀيرا التوا وٺي چڪو آهي، اهڙا حربا اهو ئي ڪندو آهي جنهن چوري ڪئي هجي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير چيو ته شهباز شريف فرد جرم کان بچڻ جي لاءِ ڪڏهن نيون درخواستون داخل ڪري ڇڏي ٿو ۽ ڪڏهن پنهنجي وڪيل کي عدالت مان غيرحاضر ڪرائي ٿو. اهي 16 ارب رپين جي مني لانڊر??گ جي رمضان شگر ملز ??يس ۾ التوا وٺي ڇڏين ٿا. شهباز شريف ان ??يس ۾ هيستائين 9 ڀيرا التوا وٺي چڪو آهي، اهڙا حربا اهو ئي ڪري ٿو جنهن چوري ڪئي هجي. فرخ حبيب چيو ته ان ??يس جي روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي ٿيڻ گهرجي.
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت