اسلام آب??د – 29 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان کي روانگي واپار ۾ ا??اف?? ۽ آمدني واپار تي دارومدار گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ماحولياتي ن??ام ۽ ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، روانگي واپار ۾ ا??اف?? جي لاءِ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ برآمد ڪندڙن کي قومي سول ايوارڊز ڏنا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ برآمدي ڪلچر کي فروغ ڏيڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ توانائي واري وف??قي وزير حماد اظهر، ناڻي واري وف??قي وزير شوڪت فياض ترين، صنعت واري وف??قي وزير مخدوم خسرو بختيار، اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير چوڌري فواد حسين، سامونڊي معاملن واري وف??قي وزير سيد علي حيدر زيدي، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وف??قي وزير سيد فخر امام، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته اسان کي هڪ ماحولياتي ن??ام ۽ هڪ اهڙو ڪلچر تيار ڪرڻو آهي جيڪو روانگي واپار کي وڌائي سگهي ۽ آمدني واپار تي اسان جو دارومدار گهٽ ڪري سگهي. هن چيو ته اسان کي اهڙن روانگي واپار ڪندرن جي ضرورت آهي جن کي روانگي واپار آ۾ ا??اف?? ڪرڻ جي ڪارڪردگي جي ب??يا?? تي قومي سول ايوارڊز سان نوازيو ويندو. وزيراعظم واپار واري وزارت کي هدايت ڪئي ته روانگي واپار ڪندڙن جي شڪايتن جي ازالي لاءِ پورٽل تيار ڪيو وڃي. هن روانگي واپار ۾ پائيدار ا??اف?? جي لاءِ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم سمورن لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي ٺوس پاليسين ۽ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي. ان کان اڳ وزيراعظم جي واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته هن سال هن 10 سالن جي جمود کانپوءِ روانگي واپار ۾ رڪارڊ ا??اف?? ٿيو آهي. هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته برآمدي هدف ۾ وڌيڪ ا??اف?? جي لاءِ قدم تيز ڪيا وڃن.
روانگي واپار ۾ اضافي ۽ آمدني واپار تي دارومدار گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ماحولياتي نظام ۽ ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil