اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) قو??ي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قو??ي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته آذربائيجان خطي جو هڪ ا??م ملڪ آهي، پاڪستان آذربائيجان سان پنهنجي ڀائرا??ي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، اسد قيصر چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا مذهب، ڀائيچاري ۽ گڏيل احترام جي مضبوط بنيادن تي هموار آهن، پاڪستان آذربائيجان سان پارلياماني ۽ معاشي رابطن کي فروغ ڏئي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي، هن چيو ته عوامي ۽ واپاري سطح تي ??ابطن کي فروغ ڏئي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي ٿو. آذربائيجان جي سفير چيو ته آذربائيجان پاڪستان سان پنهنجي دوستاڻي ۽ ڀائرا??ي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. آذربائيجان پاڪستان سان لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي.
اسپيڪر اسد قيصر سان آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia