اسلام آباد – 23 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عورت پارليامينٽ ميمبر پنهنجي تڪن جي مسئلن جي لاءِ عام طور ۽ عورتن جي مسئلن جي حل لاءِ ??اص طور تي موثر ڪردار ادا ڪري رهيون آهن جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار قومي اسيمبلي جي عورت ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو جن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ملاقات ڪندڙ عورت ميمبرن ۾ عاصمه قدير ۽ غلام بي بي ڀروانه شامل هيون. ملاقات ۾ سياسي معاملن وارو ??اص معاون ملڪ عامر ڊوگر پڻ موجود هو. عاصمه قدير وزيراعظم کي سسٽين ايبل ها??وس هولڊ بابت منصوبي کان آگاهه ڪيو، منصوبي تحت ڪچن گارڊننگ ۽ ننڍي پئماني تي پولٽري جي مدد سان نه رڳو وچولي خاندان جي گهر جون ضرورتون پو??يون ٿي سگهنديون پر ان سان روزگار به ڪمائي سگهبو. ڄاڻايل منصوبو نه رڳو گهٽ کان گهٽ ڪاربن فٽ پرنٽ جي ڪري ماحول دوست آهي پر ڪنهن به گهر کي پنهنجي طور هڪ سسٽين ايبل يونٽ ٺاهڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
عورت پارليامينٽ ميمبر عورتن جي مسئلن جي حل لاءِ موثر ڪردار ادا ڪري رهيون آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ