اسلام آباد – 24 نومبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا اينٽي ريپ (انويسٽيگيشن اينڊ ٽرائل) آرڊيننس 2020ع ۽ تعزيرات پاڪستان (ترميمي) آرڊيننس 2020ع جي اصولي منظوري ڏيندي عورتن، ٻارن ۽ ٻارڙين سان زيادتي ڪندڙن جي لاءِ سز??ئن ۽ تشريحات سميت موت جي سز?? جي شق شامل ڪري ڇڏي آهي، وفاقي ڪابينا قانون ۽ انصاف واري وزير کي سرڪاري ??دارن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ پارليامينٽ ميمبرن جي مقرري ??ابت قانونن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کان رهنمائي وٺڻ ج?? هدايت ڪئي، وفاقي حڪومت جي قدمن جي ڪري کنڊ ۽ ڪڻڪ جي قيمتن ۾ گذريل 10 ڏينهن ۾ لاڳيتو گهٽتائي ٿي رهي آهي، ايمپورٽيڊ کنڊ 68 رپيا في ڪلو ۽ اٽو 40 ڪلو ٻوري ??ي قيمت 200 رپين تائين گهٽ ٿي آهي، ڪابينا اڪنامڪ افيئرز ڊويزن واري ????ڪر??ٽري کي جي – 20 تنظيم جي 16 م??ڪن کان قرضن جي ري ??يڊيولنگ جي لاءِ معاهدو ڪرڻ ج?? اجازت ڏني. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر ۽ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير خسرو بختيار سان گڏ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو.
وفاقي وزير شبلي فراز پاران وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل