اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ اٽي ۽ کنڊ ??ي وڏي مقدار ۽ مناسب قيمت تي دستيابي کي يقيني بڻائڻ ۽ ذخيره اندوزي ۾ ملوث عنصرن جي خلاف ڪارروائي کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن کي سڄي ملڪ ۾ هڪ جهڙي سطح تي آڻڻ جي لاءِ گڏيل مشاورت سان گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪئ?? وڃي، شگر ملز پاران پيڙهائي جي عمل ۾ ڪا دي?? نه ٿيڻ گهرجي، ضرورت پوڻ تي کنڊ ??ي درآمد جي حوالي سان پڻ منصوبابندي ۽ انتظام مڪمل ڪيا وڃن. هو ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ کنڊ ??ي صورتحال جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب اجلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد حماد اظهر، سينيٽر شبلي فراز، صلاحڪارن ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، عبدالرزاق دائود، خاص معاون ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، لاڳاپيل وزارتن جي وفاقي سيڪريٽرين شرڪت ڪئ?? جڏهن ته چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئ??. اجلاس ۾ ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ کنڊ ??ي دستيابي جي صورتحال ۽ قيمتن جي حوالي سان تفصيلي جائزو ورتو ويو. ڪڻڪ جي دستيابي جي صورتحال جي حوالي سان اجلاس ??ي ٻڌايو ويو ته پنجاب حڪومت پاران روزاني جي بنياد تي 15 هزار ميٽرڪ ٽن کان وڌيڪ ڪڻڪ جي سپلاءِ فلور ملز کي ڪئ?? پئي وڃي. خيبرپختونخواهه جي چيف سيڪريٽري ٻڌايو ته صوبائي حڪومت پاسڪ?? کان 80 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ حاصل ڪري ورتي آهي جڏهن ته وڌيڪ هڪ لک ميٽرڪ ٽن جي لاءِ معاهدو ٿي چڪو آهي.
وزيراعظم پاران اٽي ۽ کنڊ جي مناسب قيمت تي دستيابي کي يقيني بڻائڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل