اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس خميس ڏينهن اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ ڪابينا ڪميٽي توانائي واري وزارت جي ڊيزل ۽ پيٽرول جي درآمدات کي يورو V معيار موجب ڪرڻ جي سفارشن ??ي منظوري ڏني وئي، انهن مصنوعات ۾ سلفر جي گهٽ مقدار جي ڪري فضائي آلودگي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ياد رهي ته پاڪستان ۾ ڪيترائي ميداني علائقا سردين ۾ ڌنڌ (سموگ) جو شڪار رهندا آهن، ??جلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پيٽروليم ڊويزن م??ڪ ۾ موجود تيل صاف ڪندڙ ڪارخانن سان يورو V کي م??ڪ ۾ لاڳو ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪندي، ڪابينا ڪميٽي فيصلو ڪيو ته پهرين آگسٽ 2020ع کان پ??ءِ آئل ڪمپنين کي صرف يورو V پيٽرول درآمد ڪرڻ جي اجازت هوندي، ڪابينا ڪميٽي جي فيصلي موجب جنوري 2021ع کان صرف يورو V ڊيزل درآمد ڪرڻ جي اجازت هوندي ان سلسلي ۾ لاڳاپيل ادارا تفصيلي پلان تيار ڪندا.
وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena