اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايڪنڪ جي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب، صوبائي ??زيرن ۽ وفاقي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. ڪميٽي اٽڪل 217 ارب رپين جي لاڳت سان 7 ترقياتي منصوبن تي غور ڪيو ۽ انهن جي منظوري ڏني. ڪميٽي سنڌ ايمرجنسي فلڊ بحالي پر??جيڪٽ جي آبپاشي نظام جي دائره ڪار ۾ اضافي جي منظوري ڏني. اجلاس سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبن ۾ ايندڙ ڪاريڪ ڪورڊور روڊ انفراسٽرڪچر پر??جيڪٽ تي نظرثاني جي پڻ منظوري ڏني. ڪميٽي 25.4 ارب رپين جي لاڳت سان ڪراچي واٽر سپلاءِ اينڊ سيوريج امپروومنٽ پر??جيڪٽ جي نظرثاني ٿيل منصوبي ۽ پنجاب جي اسڪولن ۾ حاضري ۽ سکڻ جي نتيجن کي بهتر بڻائڻ جي مقصد سان ورلڊ بئنڪ جي فنڊيڊ پر??جيڪٽ گريڊز جي پڻ منظوري ڏني.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ايڪنڪ جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ