اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق آذربائيجان جي سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ آذربائيجان جي مسافر جهاز جي حادثي ۾ ٿيل جاني ??قص??ن تي تعزيت جو اظه??ر ڪيو. آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي آجيان ڪئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جهاز حادثي ۾ قيمتي انساني حيا??ين جي ??قص??ن تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظه??ر ڪيو. اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته ڏک جي هن مشڪل گهڙي ۾ پاڪستان جي پارليامينٽ ۽ عوام آذربائيجان جي پارليامينٽ ۽ عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظه??ر ڪن ٿا، آذربائيجان ۽ پاڪستان جو عوام هڪٻئي سان محبت، اخوت ۽ ڀائيچاري جي رشتن ۾ جڙيل آهن، پاڪستان ۽ آذربائيجان هڪ ٻئي جي ڏک سک جا ساٿي آهن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر حادثي ۾ فوت ٿيل ماڻهن جي درجن جي بلندي ۽ پوئينرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. اسپيڪر سفارتخاني ۾ رکيل تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تعزيتي تاثر قلمبند ڪيا.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاران آذربائيجان جي سفارتخاني جو دورو
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔