استنبول – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي و??ثي ۽ ثقافت واري وفاقي و??ير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گڏيل دس??او??زي فلمن جي تياري ۽ گڏيل نشريات جي تجويز پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه ۾ تمام گهڻو ٽيلينٽ موجود آهي، پاڪستان ۾ ترڪيه جا ڊراما ۽ دس??او??زي فلمون تمام گهڻيون پسند ڪيون وڃن ٿيون. اها ڳالهه هن ترڪيه جي قومي ٽي وي چينل ”ٽي آ?? ٽي و??لڊ“ هيڊڪوارٽرز جي دوري جي موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل انٽرنيشنل براڊ ڪاسٽ عمر فاروق تنيويردي سان ملاقات دوران چئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ميڊيا تعاون، گڏيل دس??او??زي فلمن جي تياري ۽ سياحت جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته پاڪستان ترڪيه سان ڀائراڻي لاڳاپن کي تمام گهڻي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اهي لاڳاپا تاريخي ۽ گڏيل مذهبي ۽ ثقافتي قدرن تي ٻڌل آهي. هن چيو ته ترڪيه جي حڪومت سان ڊرامن، دس??او??زي فلمن جي گڏيل پروڊڪشن جي حوالي سان معاهدا اسان جي اسٽريٽجڪ فريم ورڪ جو حصو آهن. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه ۾ تمام گهڻو ٽيلينٽ موجود آهي. سمر اولمپڪس ۾ 92.97 ميٽر جو جيولين ٿرو جو رڪارڊ قائم ڪندڙ پاڪستاني نوجوان ارشد نديم جو ذڪر ڪندي وفاقي و??ير چيو ته ارشد نديم جي هڪ تمام گهڻي متاثر ڪندڙ ڪهاڻي آهي. اسان اهڙن نوجوانن تي دس??او??زي فلمون تيار ڪري سگهون ٿا. پاڪستان ۾ شندور پولو فيسٽيول جي حوالي سان ڳالهائيندي وفاقي و??ير چيو ته شندور پولو فيسٽيول نه رڳو سياحت ۽ ثقافت پر راندين جي فروغ جو پڻ سبب آهي. هن چيو ته شندور پولو فيسٽيول دنيا جي بلند ??رين مقام تي کيڏي ويندڙ پولو مئچ آهي. پي ٽي وي و??لڊ سان گڏجي شندور پولو فيسٽيول تي دس??او??زي فلم پوري دنيا کي ڏيکاري سگهجي ٿي. اطلاعات واري وفاقي و??ير ٽي آ?? ٽي و??لڊ ۽ پاڪستان ٽيليويزن جي گڏيل نشريات جي پڻ تجويز پيش ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گڏيل ثقافت ۽ مذهبي قدر موجود آهن، اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان ۾ ترڪيه جا ڊراما ۽ دس??او??زي فلمون تمام گهڻيون پسند ڪيون وڃن ٿيون. ملاقات ۾ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي معاملي کي اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان اطلاعات واري وفاقي و??ير ڪشمير ۾ ڪيل ظلمن تي ڊيجيٽل دس??او??زي فلمن جي تياري جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. اطلاعات واري وفاقي و??ير عطاءُ الله تارڙ ٽي آ?? ٽي و??لڊ جي مختلف شعبن جو پڻ دورو ڪيو.
وفاقي وزير پاران پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گڏيل دستاويزي فلمن جي تياري ۽ گڏيل نشريات جي تجويز پيش، پاڪستان ۽ ترڪيه ۾ تمام گهڻو ٽيلينٽ موجود آهي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ