اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي آسٽريليا جي خلاف ون ڊي م??چ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چي?? ته هڪ ٻ?? غيرمعمولي م??چ ۾ فتح تي مبارڪ هجي. اسان کي خبر هئي ته توهان اهو ڪري سگهو ٿا. وزيراعظم سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ چي?? ته آسٽريليا جي خلاف متاثر ڪندڙ فتح تي اسان کي پنهنجي ڪرڪيٽ ٽيم تي فخر آ??ي. هن چي?? ته ڪاميابي جي پٺيان پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ۽ پوري ٽيم جون تمام وڏيون ڪوششون آهن. وزيراعظم ڪپتان محمد رضوان کي ٽيم جي قيادت سان گڏوگڏ مئچ دوران 6 ڪئچ ڪرڻ، صائم ايوب کي 82 رنسون ٺاهڻ ۽ حارث رئوف کي 5 وڪيٽون حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? ته اسان جي ٽيم جا حوصلا بلند آهن، پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪندا رهو.
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج