اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ ??وس لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل قومن ۽ شنگهائي تعاون تنظيم ۾ گهڻ رخي فورمز تي رابطاڪاري جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته روسي فيڊريشن جي وزيراعظم ميخائل مشوستن س??ن انتهائي اهم ملاقات ٿي، ا??ان واپار ۽ اقتصادي تعاون کي وڌائڻ تي ڌيان ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پاڪ ??وس لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته ملاقات دوران علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسان گڏيل قومن ۽ شنگهائي تعاون تنظيم سميت گهڻ رخي فورمز تي رابطاڪاري جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ