اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو اجلاس اليڪشن ڪميشن جي ميمبر نثار احمد دراني جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ اسلام آباد ۾ لوڪل گورنمينٽ چونڊون ڪرائڻ جي معاملي جو جائزو ورتو ويو. خميس ڏينهن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي پريس رليز موجب اجلاس ?? اليڪشن ڪميشن جي معزز ميمبرن شاهه محمد جتوئي، بابر حسن ڀروانه ۽ جسٽس (ر) اڪرام الله خان، اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري، اليڪشن ڪميشن جي اسپيشل سيڪريٽري ۽ اليڪشن ڪميشن جي لا سيڪريٽري، گهرو وزارت جو اسپيشل سيڪريٽري، چيف ڪمشنر اسلام آباد، ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد ۽ قانون ۽ انصاف واري وزارت جي نمائندي شرڪت ڪئي. اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن اسلام آباد لوڪل گورنمينٽ چونڊون جو پروگرام 8 آگسٽ تي جاري ڪيو جنهن ۾ موجب پولنگ 9 آڪٽوبر تي ٿيڻي هئي، ان پروگرام موجب نامزدگي ڪاغذ جمع ٿي چڪا هئا ۽ ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ جو عمل جاري هو ??ه گورنمينٽ اسلام آباد لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2015ع ۾ ترميم ڪري ڇڏي. انهن ترميمن ??ي نظر ۾ رکندي اليڪشن ڪميشن لوڪل گورنمينٽ چونڊن جي عمل کي ملتوي ڪري ڇڏيو ته جيئن لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ ۾ ترميمن، ان جي اثرن ۽ اسلام آباد لوڪل گورنمينٽ چونڊون ڪرائڻ بابت گهرو وزارت، لا ۽ چيف ڪمشنر اسلام آباد کان موقف ورتو وڃي ۽ ڄاڻايل چونڊون ڪرائڻ بابت مناسب فيصلو ڪيو وڃي. اليڪشن ڪميشن گورنمينٽ جي مٿي ڄاڻايل نمائندن کي موجوده ترميمن ??ي نظر ۾ رکندي مناسب رولز ۽ ٻي قانونسازي بابت هدايت ڪئي.
اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو اجلاس، اسلام آباد ۾ لوڪل گورنمينٽ چونڊون ڪرائڻ جي معاملي جو جائزو ورتو ويو
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena