اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي ڪا??ينا کي پنهنجي چين جي تازي دوري بابت اعتماد ۾ وٺندي ٻڌايو ته دوري دوران سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تي مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي، پاڪ چين تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ جلد هڪ اعليٰ سطحي چيني عملدارن جو وفد پاڪستان جو دورو ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪا??ينا جو اجلاس ٿيو. وزيراعظم اجلاس کي پنهنجي چين جي دوري بابت اعتماد ۾ وٺندي ٻڌايو ته دوري دوران شينزن ۾ پاڪستان چين بزنس فورم ۾ پاڪستاني ۽ چيني ڪا??وباري ۽ سيڙپڪارن جي وچ ۾ هزار کان وڌيڪ بي ٽو بي ملاقاتون ٿيون، چين جي زرعي شعبي ۾ جدت ۽ ترقي مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ پاڪستان حڪومت هڪ هزار نوجوانن کي ان شعبي ۾ پيشيواراڻي تربيت جي لاءِ چين موڪليندي جڏهن ته ناليواري چيني ڪمپني هواوي هر سال 2 لک پاڪستاني نوجوانن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي مختلف شعبن ۾ فني ۽ پيشيواراڻي تربيت فراهم ڪندي. وزيراعظم ڪا??ينا کي چين جي اعليٰ قيادت بشمول چيني صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ سان ملاقاتن ۽ انهن ۾ ٻنهي ملڪن جي گڏيل لاڳاپن، اقتصادي ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري تي مثبت اڳڀرائي جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو. بيان موجب وفاقي ڪا??ينا اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي سفارش تي نيشنل اسڪول فار پبلڪ پاليسي (اين ايس پي پي) جي بورڊ آف گورنرز ۾ نجي ۽ تعليمي شعبي مان ميمبرن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪا??ينا انساني حقن واري وزارت جي سفارش تي اسلام آباد جي لاءِ نيشنل ڪميشن فار هيومن رائيٽس (اين سي ايڇ آر) جي ميمبر جي مقرري جو عمل شروع ڪرڻ ۽ ان کي پڄاڻي تائين پهچائڻ جي لاءِ ڪا??ينا ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪا??ينا انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت جي سفارش تي ڊيجيٽل نيشن پاڪستان ايڪٽ 2024ع جي اصولي منظوري ڏيندي ان تي قانون ۽ انصاف واري وزارت کي ضروري نظرثاني ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ايڪٽ تحت نيشنل ڊيجيٽل ڪميشن (اين ڊي سي) ۽ پاڪستان ڊيجيٽل اٿارٽي (پي ڊي اي) جوڙي ويندي. ايڪٽ تحت پاڪستان جي معيشت جي ڊيجيٽائزيشن ۽ پيپر ليس گورننس جي هدف کي حاصل ڪري سگهبو. بل تحت نيشنل ڊيجيٽل ڪميشن پاليسي ساز ادارو هوندو جيڪو وفاقي ۽ صوبائي ميمبرن تي ٻڌل هوندو ۽ ان جي سربراهي وزيراعظم پاڻ ڪندو. ڊيجيٽل پاڪستان جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان ڊيجيٽل اٿارٽي قائم ڪئي ويندي جيڪو هڪ ڪا??پوريٽ ادارو هوندو ۽ جنهن وٽ مالي ۽ انتظامي اختيار هوندا. ايڪٽ جو مقصد پاڪستان جي معيشت، گورننس ۽ سروسز کي عالمي سطح تي لاڳو جديد ڊيجيٽل نظام سان هم آهنگ ڪرڻ آهي. وفاقي ڪا??ينا قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي ثالثي قانون (دي آربيٽريشن بل 2024ع) جي مسودي تي ضروري قانونسازي جي اصولي منظوري ڏني. ڪا??ينا ان حوالي سان آئين جي شق 144 تحت صوبن سان مشاورت جي پڻ منظوري ڏني. وفاقي ڪا??ينا قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي قومي احتساب بيورو ۽ سريلنڪا جي اداري ڪميشن ٽو انويسٽيگيٽ ايلي گيشنز آف برائبري/ ڪرپشن (سي آءِ اي بي او سي) جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان مفاهمتي يادداشت تحت دولت مشترڪه جي ميمبر ملڪن جي حيثيت سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رشوت ۽ رقم جي غيرقانوني پهچ جي خاتمي لاءِ تعاون کي فروغ ملندو. بيان موجب وفاقي ڪا??ينا سرڪاري ملڪيتي ادارن جي حوالي سان ڪا??ينا ڪميٽي جي 13 ۽ 20 مئي 2024ع تي ٿيندڙ ا??لاسن ۾ ڪ??ل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. وفاقي ڪا??ينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 23 ۽ 27 مئي 2024ع تي ٿيندڙ ا??لاسن ۾ ڪ??ل فيصلن جي پڻ توثيق ڪئي. وفاقي ڪا??ينا ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪا??ينا ڪميٽي جي 5 جون 2024ع جي اجلاس ۾ ڪ??ل فيصلن جي پڻ توثيق ڪئي.
چين جي تازي دوري دوران سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تي مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي، پاڪ چين تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ جلد هڪ اعليٰ سطحي چيني عملدارن جو وفد پاڪستان جو دورو ڪندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا