اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گهرو معاملن، منشيات جي خات??ي واري وفاقي وزير ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرپرسن سيد محسن رضا نقوي ملاقات ڪئي ۽ سڄي ملڪ ۾ بجلي چوري جي روڪٿام جي حوالي سان فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) کي ڏنل ٽاسڪ جي حوالي سان تفصيلي آگاهه ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي گهرو وز??رت، منشيات جي خات??ي واري وز??رت، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي معاملن، ملڪي سيڪيورٽي ۽ مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گهرو وزير محسن نقوي وزيراعظم شهباز شريف کي ا??ف آءِ اي ۽ نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي جي تجويز ڪيل سڌارن ۽ ري اسٽرڪچرنگ پلان تي پڻ بريفنگ ڏني. وزيراعظم هدايت ڪئي ته بجلي چوري جي خلاف سخت ک??ن سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ڪنهن به قسم جي ڪا نرمي نه ڪئي وڃي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گهرو معاملن، منشيات جي خاتمي واري وفاقي وزير ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرپرسن سيد محسن رضا نقوي جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی