اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت نجي ڪاروباري شعبي کي ملڪ جي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ روزگار جي فراهمي لاءِ سهولت فراهم ڪري رهي آهي، اميد آهي ايندڙ چونڊيل حڪو??ت پاليسين جي تسلسل سا?? ملڪ ۾ صنعتي ترقي ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي سا?? ماڻهن کي روزگار جا موقعا ۽ مجموعي معاشي ترقي جي ان سفر کي جاري رکندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار سينيٽر نعمان وزير جي قيادت ۾ پاڪستان ايسوسيئيشن آف لارج اسٽيل پروڊيوسرز جي وفد سا?? ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ سينيٽر نعمان وزير، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر جميل احمد، ايف بي آر چيئرمين، لاڳاپيل وزارتن جا سيڪريٽريز ۽ پاڪستان ايسوسيئيشن آف لارج اسٽيل پروڊيوسرز جا عهديدار ۽ خيبرپختونخواهه سا?? تعلق رکندڙ ٻين شعبن جا صنعتڪار پڻ موجود هئا. نگران وزيراعظم چيو ته نگران حڪو??ت پنهنجي مختصر عرصي ۾ پاڪستان جي معيشت جي بحالي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا، حڪو??ت پنهنجي پاليسين جي ذريعي نجي ڪاروباري شعبي کي ملڪ جي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ روزگار جي فراهمي لاءِ سهولت فراهم ڪري رهي اهي، نگران حڪومت ڪاروبار جي لاءِ موزون ماحول، نجي شعبي کي ملڪي ترقي ۾ ڪردار جي لاءِ سهولت ۽ ٽيڪس آمدني ۾ اضافي جي لاءِ قدم کنيا، نگران حڪومت نجي شعبي جي سهولت ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت قدم کنيا جن جا مثبت نتيجا اچي رهيا آهن، اميد آهي ايندڙ چونڊيل حڪو??ت پاليسين جي تسلسل سا?? ملڪ ۾ صنعتي ترقي ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي سا?? ماڻهن کي روزگار جا موقعا ۽ مجموعي معاشي ترقي جي ان سفر کي جاري رکندي. هن چيو ته ايف بي آر سڌارن جي لاءِ ناڻي واري نگران وفاقي وزير، ايف بي آر چيئرمين ۽ سمورن لاڳاپيل عملدارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن پاڪستان جو مشڪل وقت ۾ سا?? ڏنو، توهان ماڻهو اهڙا صنعتڪار آهيو جن مشڪل حالتن ۾ پاڪستان ۾ اعتماد کي بحال رکيو ۽ معيشت جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي اسٽيل جي صنعت سا?? واڳيل سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته ايف بي آر سڌارن ۽ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل قائم ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان ۾ هي سيڙپڪاري جو بهترين موقعو آهي، پاڪستان ۾ اسٽيل جي صنعت سا?? واڳيل ڪمپنين کي ملڪ ۾ ڪچي لوهه جي نئين ذخ??رن جي ترقي جي لاءِ سيڙپڪاري کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. ملاقات ۾ شرڪت ڪندڙن نگران حڪومت جي ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ سهولت، صنعتڪارن جي مسئلن جي حل، ايف بي آر ۾ سڌارن ۽ ملڪي معيشت جي بحالي جي لاءِ قدمن تي نگران وزيراعظم ۽ نگران وفاقي ڪابينا جي ميمبرن جي ڪوششن تي خراج تحسين پي?? ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ اسٽيل ۽ ٽامي جي وڏي پئماني جي صنعت جي حوالي سا?? تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته اسٽيل ۽ ٽامي جو شعبو پاڪستان جو چوٿون وڏو برآمدي شعبو آهي جنهن گذريل مالي سا?? ۾ رڳو ٽامي جي روانگي واپار جو ڪاٿو 1.35 ارب ڊالر رهيو، پاڪستان ۾ اسٽيل جي سا??ياني في ڪس کپت 40 ڪلوگرام آهي جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ان شعبي ۾ ترقي جي وسيع صلاحيت موجود آهي، پاڪستان جي اسٽيل صنعت مان ٽيڪس جو سا??يانو ڪاٿو 400 ارب رپيا آهي. شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته ٽامي جي صنعت سا?? ملڪ ۾ هزارن جي انگ ۾ روزگار جا موقعا فراهم ڪيا پي?? وڃن. شرڪت ڪندڙن نگران حڪومت جي اسٽيل جي اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ قدمن کي پڻ ساراهيو جن سا?? ملڪ جي صنعت کي ڀرپور فائدو پهتو. ملاقات ۾ اسٽيل جي صنعت جي مسئلن ۽ انهن جي حل جي لاءِ تجويزون پڻ پي?? ڪيون ويون. نگران وزيراعظم ايف بي آر ۽ لاڳاپيل وزارتن کي انهن تجويزن تي غور ڪري انهن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪئي.
حڪومت نجي ڪاروباري شعبي کي ملڪ جي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ روزگار جي فراهمي لاءِ سهولت فراهم ڪري رهي آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : کڑک