اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف پنهنجي معاونين ۽ عملي خاص طور تي پنهنجي ميڊيا ٽيم جي خدمتن کي ساراهيو. وزيراعظم هائوس ۾ وفاقي سيڪريٽريز ۽ سرڪاري آفيسرن سان الوداعي ملاقات جي موقعي تي ڳالها??ين??ي وزيراعظم پ??هنجي خاص معاونين جهانزيب خان ۽ احد چيما جو خاص طور تي ذڪر ڪيو ۽ چيو ته انهن وڏي محنت سان ڪم ڪيو ۽ منهنجي مدد ڪئي. خاص معاون طارق فاطمي جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته هن ان بزرگي ۾ به منهنجو تمام گهڻو ساٿ ڏنو. پريس سيڪريٽري عبدالاڪبر جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته هو انتهائي شريف النفس آفيسر آهي، پنهنجي ڪم سان ڪم رکي ٿو ۽ انتهائي شاندار شخصيت جو مالڪ آهي. هن پنهنجي تقرير لکندڙ ارشد ملڪ ۽ پي آر او عمر فاران کانسواءِ سرڪاري ميڊيا ٽيم جا پڻ ٿورا مڃيا ۽ انهن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ