اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب باجوڙ ۾ جمعيت علماءُ اسلام (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي قيمتي ??نساني جانين جي نقصانن تي پي ڊي ايم جي سربراهه ۽ جي يو آءِ جي امير مولانا فضل الرحمان ۽ متاثر خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چي?? ته باجوڙ جي علائقي خار ۾ جمعيت علماءُ اسلام (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ڌماڪي جي شديد مذمت ڪريان ٿي، جنهن ۾ قيمتي ??انين جو وڏو نقصان ٿيو ۽ درجنين زخمي ٿيا. پي ڊي ايم جي سربراهه ۽ جي يو آءِ جي امير مولانا فضل الرحمان ۽ متاثر خاندانن سان تعزيت ۽ افسوس ڪريون ٿا. هن چي?? ته هي واقعو ثبوت آهي ته دهشتگردن جو مذهب صرف دهشتگردي آهي، کين انسانيت، معصوم جانين سان ڪو به تعلق نه آهي. وفاقي وزير چي?? ته دهشتگردي جو خاتمو پاڪستان جي بقاءُ ۽ سالميت لاءِ نهايت ضروري آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ وارثن کي صبر عطا فرمائي.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پاران باجوڙ ۾ جي يو آءِ (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ڌماڪي جي مذمت، قيمتي انساني جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک