شرم الشيخ – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ۽ يورپي يونين جي صدر چارلس مائيڪل ملاقات ڪئي. چارلس مائيڪل پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن ۽ قيمتي انساني جانين جي زيان تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ يورپي يونين جي احساس ۽ امداد کي ??اراهيو، ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته موسمياتي تبديلين جا تباهي آڻيندڙ اثر سمورن ملڪن جي اتحاد جا گهرجائو آهن. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ وانگر موسمياتي تبديلين جي خلاف عالمي اتحاد گهربل آهي، فيٽف جي گري لسٽ مان پاڪست??ن جي نڪرڻ ۾ يورپي يونين جي تعاون کي ??اراهيون ??ا، پاڪستان ۽ يورپي يونين ۾ گهڻ رخي تعاون جي فروغ جا خو??هش??ند آهيون، يورپي يونين ۽ پاڪست??ن جي حصيداري ۽ ٻطرفو تعاون ماضي ۾ گڏيل مف??دن کي ??اصل ڪرڻ جو اهم ذريعو رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته ماضي جي اعتماد ۽ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جا خو??هش??ند ۽ منتظر آهيون، موسمياتي تبديلين جي اثرن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ يورپي يونين جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف سان يورپي يونين جي صدر چارلس مائيڪل جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون