اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگز??ب عمران خان کي تڪبر ۽ خودپسندي جو ذهني مريض هجڻ سبب خطرناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته عمران خان کي ڪنهن اداري، ان جي سربراهه يا جج کي گاريون ڏيڻ ۾ ڪو شرم نه آهي، عدالتن کي خبر هجڻ گهرجي ته عمران خان کي نه ندامت آهي ۽ نه ئي شرمندگي، بزدل، انا پرست، خوش پسندي ۽ تڪبر ۾ ٻڏل شخص خطرناڪ ئي ??وندو آهي، هو هڪ نڪ نرڄو، فسادي ۽ بي شرم انسان آهي، جيڪو کلي ڪوڙ ڳالهائي ??و، ٻوڏ تي سياست ڪري ٿو، قوم ۽ م??ڊي?? کي اپيل آهي ته خود پسند، انا پرست ماڻهو بدران ٻوڏ متاثرين طرف ڌيان ڏين. پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته متاثرين هن وقت ٻوڏ جي تڪليف ۾ آهن، انهن پاڪستاني رهواسين جي مدد تي ئي ??وم ۽ م??ڊي?? پنهنجو ڌيان ڏي. هن چيو ته عمران خان ٻوڏ متاثرين جي جذبن سان کيڏي انتشار پکيڙڻ چاهي ٿو، اهو بيمار ذهنيت وارو شخص ٻوڏ متاثرين جي اٽي تي به سياست ڪري ٿو، هي پنهنجي گهٽيا سياست جي لاءِ ٻوڏ متاثرين جي امداد روڪرائڻ چاهي ٿو. هن چيو ته اها بيمار ذهنيت آهي جيڪو سمجهي ٿو ته آئون وزيراعظم نه آهيان ان لاءِ ٻوڏ متاثرين جي مدد نه ڪندس، ڪڏهن آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي روڪرائي ??و، ڪڏهن ٻوڏ متاثرين جي امداد روڪرائڻ جي گهٽيا ڪوشش ڪري ٿو، هي اهو ئي ذهني بيمار آهي جيڪو پنهنجي سياست جي لاءِ شهيدن جي خلاف سوشل م??ڊي?? تي زهريلي مهم هلائي ??و.
عمران خان تڪبر ۽ خودپسندي جو ذهني مريض هجڻ سبب خطرناڪ آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea