سرينگر- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمي?? ۾ ??ابض انتظاميه آزادي جي تحريڪ جي عظيم قائد سيد علي گيلاني جي پهرين ورسي تي اڄ ماڻهن کي سرينگر جي ??لا??قي حيدر پوره ۾ سندس قبر تي فاتحه خواني کان ر??ڪڻ لاءِ سخت پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن، ڪشمير ميڊيا سروس موجب وادي ڪشمير ۾ ڪيترن ئي جاين تي چيڪ پوسٽون قائم ڪيون ويون آهن جتي ماڻهن جي تل??شي ورتي پئي وڃي، حيدر پوره ۾ به وڏي تعداد ۾ ڀارتي فوج ۽ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا وي?? آهن ته جيئن ماڻهن کي شهيد اڳواڻ جي قبر تي فاتحه خواني ڪرڻ کان ر??ڪي سگهجي. ڪنهن کي به ??لا??قي ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي. والاريل ??لا??قي ۾ سيد علي گيلاني جي ورسي جي تي اڄ جي هڙتال جي ڪال ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڏني آهي، سيد علي گيلاني جي روح جي ايصال ثواب لاءِ وادي ڪشمير ۽ ڄمون خطي جي مختلف حصن ۾ دعائن جون ويهڪون ٿيون.
والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سيد علي گيلاني جي ورسي تي هڙتال، مرحوم اڳواڻ جي قبر تي ماڻهن کي فاتحه خواني کان روڪڻ لاءِ سخت پابنديون لاڳو
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ