اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارتي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن جي خلاف اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ استحصال ڏهاڙو ڀرپور انداز سان ملهايو ويو، استحصال ڏهاڙي جي م??قعي تي مظلوم ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ اندرون ملڪ ۽ ٻاهرئين ملڪ ريلين ۽ جلسن جلوسن کانسواءِ سيمينارز ۽ ڪانفرنسز سميت ڪيترن ئي پروگرامن جو اهتمام ڪيو ويو. ڪشميرين جي حمايت ۾ سڄي م??ڪ ۾ ريليون ڪڍيون ويون جن ۾ هر طبقه فڪر جي ماڻهن شرڪت ڪئي. استحصال ڏهاڙي جي م??قعي تي پوري قوم پنهنجي ڪشميري ڀائرن کي اهو پيغام ڏنو ته پاڪستاني عوام انهن جي خودمختياري جي حق جي م??صفاڻي جدوجهد ۽ ڀارتي فوج جي ظلمن جي خلاف سدائين انهن سان گڏ بيٺل رهندي. پرڏيهي وزارت جي اهتمام هيٺ 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي ڀارتي قدمن جي خلاف پرڏيهي آفيس کان پارليامينٽ هائوس تائين هڪ ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ پرڏيهي آفيس جو عملو، حريت ڪانفرنس جا اڳواڻ ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو به شريڪ ٿيا. ان کان اڳ واڪ جي شرڪت ڪندڙ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ پرڏيهي آفيس ۾ گڏ ٿيا جنهن کانپوءِ پرڏيهي آفيس استحصال ڏهاڙي جي م??اسبت سان زاهد زمان جو نغمو جاري ڪيو. ڪشمير بابت اهو نغمو زاهد زمان خصوصي طور تي تيار ڪيو هو. ريلي جا شرڪت ڪندڙ بعد ۾ پرڏيهي آفيس کان شاهراهه دستور کان ٿيندي پارليامينٽ هائوس پهتا. پرڏيهي وزارت مظلوم ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ اسلام آباد ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني سفارتخانن ۾ ڪيترن ئي پروگرامن جو اهتمام ڪيو هو. دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره ان موقعي تي خ??اب ڪندي چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. دفاع واري وفاقي وزير چيو ته اسان کي پنهنجي نوجوان نسل کي ڪشمير جي پاڪستان جي رشتي ۽ ان جي اهميت کان آگاهه ڪرڻو آهي، اسان کي بطور قوم ان عزم جو ورجاءُ ۽ تجديد ڪرڻ گهرجي ته ڪشمير سان اسان جو عزم لازوال آهي ان ۾ ڪڏهن به گهٽتائي نه ٿيندي. ان موقعي تي وزيراعظم جي ڪشير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو ته هي ريلي اهڙن ڪڌن ڏينهن کي م??هائڻ جي لاءِ آهي جيڪي 70 سالا ڏاڍ سان ڀرپور آهن پر ڪشميرين جو جذبو هر حربي جي باوجود ڪمزور نه ٿيو، جيڪي قومون اهو جذبن رکن ٿيون انهن کي دٻائي نه ٿو سگهجي. هن چيو ته ڪشميرين جو حوصلو ٽوڙڻ ۾ ناڪامي تي 5 آگسٽ 2019ع تي ڪشمير جي آئيني ۽ قانوني حيثيت تبديل ڪري ان جي ڊيموگرافي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. لائين آف ڪنٽرول جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ آباد ڪشميرين به 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غيرآئيني قدمن جي مذمت جي لاءِ استحصال ڏهاڙو ملهايو. پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ جي غيرقانوني، غيراخلاقي ۽ غيرآئيني قدم جي مذمت ۽ ڀارتي فوجي گهيراءُ کي ٽي سال مڪمل ٿيڻ جي م??وعي تي استحصال ڏهاڙو ملهايو ويو. ملڪ جي سمورين سياسي ۽ مذهبي پارٽين جي ڪارڪنن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن ريلين ۽ ٻين سرگرمين جي ذريعي والاريل ڪشمير جي معصوم ماڻهن جي خلاف ڀارتي رياستي دهشتگردي جي خلاف ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرايو. سول سوسائٽي جي تنظيمن به ڪشميري عوام جي خلاف انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ سيمينارز ۽ ٻين پروگرامن جو اهتمام ڪيو. استحصال ڏهاڙي جي م??قعي تي سڄي م??ڪ ۾ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي ۽ سائرن وڄائي ٽريفڪ کي هڪ منٽ جي لاءِ روڪيو ويو. استحصال ڏهاڙي جي م??قعي تي ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيليويزن سميت اليڪٽرانڪ ميڊيا چينلز تي پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جا قومي ترانا وڄايا ويا. استحصال ڏهاڙي جي م??قعي تي اسلام آباد کانسواءِ صوبائي گادي وارن شهرن جي اهم رستن تي ڪشميرين جي خراب حالت کي اجاگر ڪرڻ ۽ والاريل ڪشمير ۾ قابض فوج پاران ڪيل ظلمن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پوسٽرز ۽ بل بورڊز هنيا ويا هئا. استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان صدر، وزيراعظم، وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار، آزاد ڪشمير جي صدر ۽ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جا پيغام نشر ۽ جاري ڪيا ويا. 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن جي ذريعي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪري ڪشمير تي پنهنجي غيرقانوني قبضي کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جي خلاف پوري پاڪستان ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سخت احتجاج ڪيو. استحصال ڏهاڙي جي م??قعي تي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي غيرقانوني قدمن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين کي دنيا آڏو بي نقاب ڪرڻ جي لاءِ ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۽ ٻاهرئين ملڪ ڀارت جي سفاڪيت ۽ غيرقانوي قدمن کي بي نقاب ڪيو ويو. استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان اطلاعات واري وزارت پاڪ چائنا سينٽر ۾ تصويري نمائش جو اهتمام ڪيو هو?? ٽي وي چينلز ۽ ريڊيو پاڪستان تي به ڏينهن جي م??اسبت سان خصوصي پروگرامز هلايا ويا، پرڏيهي وزارت ۾ هڪ تقريب ۾ استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان هڪ نغمو پڻ جاري ڪيو ويو. پاڪستان جي سمورن شهرن کانسواءِ مظفرآباد سميت آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي سمورن شهرن ۾ به تقريبن جو اهتمام ڪيو ويو هو. استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان اهم جاين تي خصوصي بينرز هنيا ويا هئا جڏهن ته هو??ئي اڏن، ريلوي اسٽيشنز ۽ سمورين ميٽرو بس اسٽيشنز کانسواءِ موٽرويز ۽ سمورن ٽال پلازائن تي بينرز هنيا ويا. استحصال ڏهاڙي جي م??قعي تي م??ڪ جي سمورن صوبائي ۽ ضلعي هيڊڪوارٽرز ۾ پڻ ڏينهن جي م??اسبت سان خصوصي پروگرام منعقد ڪيا ويا.
ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارتي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن جي خلاف اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ استحصال ڏهاڙو ملهايو ويو
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت