ڪوئيٽا – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته بلوچ??تا?? ۾ حڪومت پاران ضرورت جي شين جي رعايتي اگهن ??ي فراهمي رمضان کانپوءِ به جاري رکي وڃي. اها هدايت هن ??رورت جي شين جي قيمتن ۽ يوٽيلٽي اسٽورز تي انهن ??ي بنا رڪاوٽ فراهمي جي حوالي سان اجلاس ۾ ڏني. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال، طارق بشير چيما، مخدوم مرتضيٰ محمود، بلوچ??تا?? جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو، چيف سيڪريٽري بلوچ??تا??، وفاقي ۽ صوبائي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. بلوچ??تا?? ۾ ضرورت جي شين جي حڪومت جي مقرر ڪيل اگهن کان وڌيڪ قيمت ۾ وڪرو ۽ فراهمي ۾ تعطل جي شڪايت تي وزيراعظم جي نوٽيس کانپوءِ هنگامي بنيادن تي غذائي تحفظ واري وفاقي وزير ۽ صنعت واري وفاقي وزير کي ڪوئيٽا روانو ڪيو ويو ته جيئن ڪنهن ??ه قسم جي امڪاني پريشان ڪندڙ صورتحال کان و??ت سر بچي سگهجي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو ته گذريل رات جي قدمن کانپوءِ مسئلن کي حل ڪيو ويو آهي، نه رڳو اڄ کان اٽي جي فراهمي شروع ڪئي وئي اهي پر اهو يقيني بڻايو ويو آهي ته پوري بلوچ??تا?? ۾ اها فراهمي بنا رڪاوٽ جاري رهي. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته گذريل رات صنعت واري وفاقي وزير مخدوم مرتضيٰ محمود جي دوري دوران يوٽيلٽي اسٽور تي کنڊ ۽ گيهه جو اسٽاڪ طلب جي لحاظ کان وڌيڪ ڏٺو ويو جڏهن ??ه اٽي جو مسئلو هل ٿيڻ کانپوءِ سموريون ضرورت جون شيون وزيراعظم جي اعلان ڪيل اگهن ??ي دستياب آهن. وزيراعظم انهن قدمن کي ساراهيندي هدايت ڪئي ته اهو يقيني بڻايو وڃي ته اها ابسڊي بنا رڪاوٽ ماڻهن ??ائين پهچندي رهي. وزيراعظم بلوچ??تا?? ۾ ان پئڪيج جي ضرورت کي محسوس ڪندي هدايت ڪئي ته پئڪيج کي رمضان تائين محدود رکڻ بدران ان کي صوبي ۾ بعد ۾ جاري رکيو وڃي. ان حوالي سان وزيراعظم لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ان تي هنگامي بنيادن تي ڪم ڪيو وڃي.
وزيراعظم پاران بلوچستان ۾ ضرورت جي شين جي رعايتي اگهن تي فراهمي رمضان کانپوءِ به جاري رکڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں