اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪست??ن ۾ گڏيل ع??ب امارات (يو اي اي) جي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم ا??زابي ملاقات ڪئي. گڏيل ع??ب امارات جي سفير وزيراعظم کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي گڏيل ع??ب امارات پاران پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف گڏيل ع??ب امارات جي سفير جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان ۽ گڏيل ع??ب امارات جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ لاءِ ان جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم گڏيل ع??ب امارات جي قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ حصيداري کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ يو اي اي جي قيادت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو. وزيراعظم رڳو 50 سالن جي عرصي ۾ ملڪ کي تبديل ڪرڻ جي گڏيل ع??ب امارات جي قيادت جي ويزن کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، انفراسٽرڪچر، غذائي تحفظ ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ سميت اقتصادي تعاون جي وڌيڪ فروغ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل ع??ب امارات جي وچ ۾ سدائين خا?? لاڳاپا رهيا آهن جن جو بنياد گڏيل تاريخ، عقيدي ۽ جاگرافيائي ويجهڙائپ تي آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ پڻ ويجها رابطا آهن. وزيراعظم گڏيل ع??ب امارات جي ترقي ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي اهم ڪردار کي ساراهيو جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط پل جو ڪردار ادا ڪن ٿا. پاڪستان ۽ گڏيل ع??ب امارات جي وچ ۾ پراڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن ۽ اعليٰ سطحي رابطن سان ٻطرفي تعاون کي سگهه ملي ٿي.
وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات جي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز