اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڏکڻ آفريقا جي رانديگر هرشبل گبز تي ڪشمير ليگ کان پاسو اختيار ڪرڻ جي لاءِ دٻاءُ وجهڻ افسوسناڪ آهي. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪرڪ??ٽ کي سياست جي لاءِ استعمال ڪرڻ جو عمل نريندر مودي اڳ ۾ به ڪري چڪو آهي جنهن جي اسان سخت مذمت ڪريون ٿا. چوڌري فواد حسين چيو ته هرشل گبز تي پابندي جي لاءِ دٻاءُ وجهڻ سان ڪشمير جي تحريڪ کي ڪو نقصان نه پهچندو پر فائدو ئي ٿيندو. هن چيو ته پنهنجي غ??رمنطقي سياسي مقصدن جي لاءِ عالمي رانديگرن کي روڪي هي پنهنجو ئي نقصان ڪندا. هن چيو ته ڀارت ۽ پ??ڪس??ان ۾ ڪرڪيٽ جا لک??ن شوقين آهن، ڪرڪ??ٽ کي سياست کان جدا رکڻ گهرجي. هن چيو ته ڪشمير ليگ پ??ڪس??ان جي ڪرڪيٽ جي لاءِ اهميت رکندڙ آهي، ماڻهو ان کي ڏسڻ چاهين ٿا.
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز