جده – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان 18 ۽ 19 سيپٽمبر تي سع??دي فرمانروا شاهه سلمان بن عب??العزيز جي دعوت تي سع??دي عرب جو 2 ڏينهن جو دورو ڪيو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ناڻي وارو وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ وزي??اع??م جو واپار وارو صلاحڪار عب??الرزاق دائود پڻ ساڻس گڏ هئا. وزي??اع??م عمران خان جو سع??دي فرمانروا خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عب??العزيز جده ۾ پنهنجي محل اچڻ تي استقبال ڪيو جتي کيس گارڊ آف آرنر ڏنو ويو. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن گڏيل لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي سياسي صورتحال ۽ مسلمان امت کي درپيش مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تعاون جاري رکڻ جي خواهش ظاهر ڪئي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن