اسلام آباد – 16 جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪ??ي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته جڏهن ملڪ ۾ سي پيڪ ٺهي رهيو هو، دهشتگردي ختم ٿي رهي هئي، ميٽرو ۽ رستن جو ڄار وڇي رهيو هو، چونڊ سڌارا، يوٿ پروگرام، تعليمي سڌارا ۽ هيلٿ پروگرام ٺهي رهيا هئي ته ٻئي طرف ٻه سياسي ڪزنز ڪنٽينر ٺاهي رهيا ه??ا، اڳ ۾ ملڪ جي ترقي خلاف ڪنٽينر ٺهيو هو ۽ هاڻي ٽي سياسي ڪزنز گڏجي ملڪ جي آئين جي خلاف ڪنٽينر ٺاهي رهيا آهن. احتساب ??دالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي مملڪ??ي وزير چيو ته مخالف مسلم ليگ (ن) جي مقبوليت کان ڊنل آهن، ٽنهي سياسي ڪزنز کي خبر پئجي چڪي آهي ته انهن جي پنه??جي تڪن ۾ به پاڪستان جي عوام هاڻي انهن کي ووٽ نه ڏيندي، چڪوال جي ضمني چونڊن جا نتيجا سڀني جي سامهون آهن، قوم انهن ماڻهن جي ايجنڊا کان آگاهه آهي جيڪي ملڪ ۾ افراتفري ۽ انتشار پکيڙڻ چاهين ٿا، ملڪ جي خدمت ڪندڙ، دهشتگردي، لوڊشيڊنگ جهڙن چئلينجن تي ضابطو آڻيندڙ، سي پيڪ انفراسٽرڪچر، تعليم ۽ ص??ت جي لاءِ ڪم ڪندڙ حڪومت وڌيڪ بهتر آهي يا اهي ماڻهو جيڪي ڪنٽينر ٺاهڻ ۾ مهارت رکن ٿا انهي لاءِ ٽئي سياسي ڪزنز هن حڪومت جي خلاف ڪنهن غيرآئيني طرز جي آخري ڪوشش ڪري رهيا آهن جيڪا پاڪستان جي عوام جي ووٽ سان ٺهي آهي ۽ جيڪا پاڪستان جي عوام جي اي ٽيم آهي. مسلم ليگ (ن) پنه??جي منشور ۾ جي??ي واعدا ڪيا هئا اهي ڊيليور ڪري ڏيکاريا آهن، اسان جيڪي منصوبا شروع ڪيا هئا اڄ انهن کي مڪمل ڪري رهيا آهن.
جڏهن ملڪ ۾ ترقي ٿي رهي ته ٻه سياسي ڪزنز ڪنٽينر ٺاهي رهيا هئا: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : راکی