ڪراچي – 05 مئي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آ??ي ته فلم انڊسٽري جي بحالي سان انتهاپسندي جي سوچ جي خلاف متبادل بيان جي فروغ ۾ مدد ملندي، معاشري مان انتهاپسندي ۽ عدم برداشت جي خاتمي لاءِ متحرڪ فلم انڊسٽري وقت جي اهم ضرورت آهي، وزيراعظم فلم انڊسٽري جي بحالي ۾ گهري دلچسپي رکي ٿو، حڪومت فلم انڊسٽري جا مسئلا حل ڪندي. اها ڳالهه هن گورنر هائوس ۾ فلم، پروڊڪشن ۽ براڊ ڪاسٽنگ پاليسي 2017ع جي حوالي سان پهرين مشاورتي اجلاس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي، ان موقعي تي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج ?? عوام جي ڪارڪردگي ??ي ساراهيندي چيو ته پاڪ فوج ?? عوام وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته انهن قربانين کي متبادل بيان جي طور تي پيش ڪرڻ گهرجي.
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ