گڏيل ق??مون – 31 آڪٽوبر(اي پي پي) گڏيل ق??من جي سلامتي ڪائونسل اسرائيل طرفان فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل ق??من جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي (يو اين آر ڊبليو اي) تي پابندي لڳائڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي اسرائيل تي زور ڀريو آهي ته عالمي ذميوارين جي پابندي ڪري . پرڏيهي ميڊيا مطابق سلامتي ڪائونسل گذريل ڏينهن جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ اسرائيل تي زور ڀريو آهي ته هو گڏيل ق??من جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي (يو اين آر ڊبليو اي ) کي مليل حقن ۽ ڇوٽ واري حيثيت جو احترام ڪري. عالمي اداري چيو ته سمورين ڌرين کي گهرجي ته اهي يو اين آر دبليو اي کي ان جي مينڊيٽ مطابق سمورن لاڳاپيل علائقن ۾ ڪم ڪرڻ ڏين ڇو ته اها رليف ايجنسي جنگ سٽيل غزه ۾ انساني بنيادن تي ڪم جي ح??ال?? سان ڪرنگهي جي حيثيت رکي ٿي . سلامتي ڪائونسل چيو آهي ته ڪو به ٻيو ادارو انساني بنيادن تي ڪم ڪرڻ لاءِ يو اين آر ڊبليو اي جي متبادل نٿو ٿي سگهي . يو اين آر ڊبليو اي جو پناهگيرن جي مدد لاءِ مينڊيٽ ۽ ان جي اهليت سڀني ادارن تي حاوي آهي . ان اداري جي امداد زندگين کي بچائيندڙ آهي . واضح رهي ته يو اين آر ڊبليو غ??ه ۽ اول??ه ڪناري ۾ بي گهر فلسطينين جي انساني بنيادن تي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ سڀ کان اهم ادارو آهي.
سلامتي ڪائونسل پاران فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي اداري تي اسرائيلي پابندي جي قدم تي ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا