گڏيل قومون- 13 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن تحت ڪائونسل ۾ آفريقا جي نمائندگي وڌائي ان خطي م??ن تاريخي نا انصافين جو ازالو ڪرڻ تي زور ڀريندي چيو آهي ته اهڙي طرح ڪائونسل کي وڌائيندي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ وڌيڪ اثرائتو، جامع ۽ جوابده بڻائي سگهجي ٿو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي م??تقل نمائندي منير اڪرم سلامتي ڪائونسل ۾ آفريقا جي اثرائتي نمائندگي وڌائڻ جي حوالي سان هڪ مباحثي دوران خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اسان آفريقا سان ٿيل تاريخي نا انصافين يعني ان تي قبضي?? ڏاڍ، استحصال ۽ سلامتي ڪائونسل ۽ ٻين عالمي ادارن جي ڍانچي ۾ گهٽ نمائندگي جو اعتراف ڪريون ٿا. پاڪستاني نمائندي چيو ته پاڪستان آفريقا جي ان مطالبي سان اتفاق ڪري ٿو جيڪو ايزلويني اتفاق راءِ ۾ آفريقا جي خطي جي م??اوي نمائندگي لاءِ طئي ڪيو ويو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهي چئن رياستن، ڀارت، برازيل، جرمني ۽ جاپان جي م??البي کان بلڪل مختلف آهن جيڪي پنهنجي لاءِ سلامتي ڪائونسل جي م??تقل ميمبرشپ حاصل ??رڻ لاءِ مهم هلائي رهيا آهن.
پاڪستان پاران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ آفريقا جي نمائندگي وڌائڻ تي زور
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک